انصاف ۽ گلڙن جا گيت

انصاف ۽ گلڙن جا گيت (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نند لعل پرڀو لعل ”نندن“ جو لکيل آهي. جنهن ۾ ٻارڙن بابت گيت ڏنل آهن. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 44 صفحا آهن ۽ قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، نند لعل، زميندار پريس، ميرپورخاص مان سال 1955ع ۾ ڇپائي، ”نئين ڇور“ مان پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو